Flickriver: Most interesting photos tagged with sindhi poets

Saturday, November 26, 2011

Rubina Abaro

 امن"


ڪُفرَ جي فتويٰ جيان
ڪائي خبرَ
ذهنَ جي اخبارَ تي
آهي ڇپيلَ۔


فرقيواريت جا سمورا پيچرا
تنگدليءَ جي موڙَ تي
آهن کُٿا۔۔


سامهون صرف انسان آ
انسانيت آ لاپته۔


ڇو ديسَ جي دستورَ ۾
حيوانيت کي آ فروغ
ماڻهپو ممنوع آ۔


ڪوئي درندو
آدميءَ جي ويسَ ۾
اڄُ گهڙي آيو آ
منهنجي ديسَ ۾


هر عبادتگاهه آهي
خوفَ جي گهيري اندر
۽ پناهگاه 8;ن هتي هن
موتَ جي پهري اندر


موت ئي آ صرف سَستو
هاڻ منهنجي ديسَ ۾
زندگي آهي ٿڪي پئي
حادثن جي ڊوڙَ ۾۔


ٻارُ آهي
يا ٻڍو يا ڪو جوان
ڪيرَ ڀي هوندو اڳيان


انتها پسنديءَ کي
نه ٿينديون هن اکيون
۽ نه دهشتگرديءَ کي
ڪا ديدَ ٿئي۔


هر ڌماڪو
ڌرمَ جي آهي نفي
ايمان جي آهي خلاف۔
هر ڳلي، هر موڙَ
هر بازار ۾
حادثن جي مُندَ آ


آشتي جي اُڀَ تي
تعصبن جي ڌُنڌ آ
نفرتن جو آ ڪُهر
مان ڏسان ٿي سامهون
حدِ نظر
امن جا اُجرا پَکي آهن مُئل


امن جا اُجرا پَکي آهن مُئل...


نظم اي ديس تنهنجي ڀاڳ ۾
درياه جي دهشت ڏسي
هي هنيانءُ ٿو ٻڏندو وڃي
ٿي ”فيل مست“ آهي سِنڌو
برباد پئي سڀ ڪجهه ڪري


ڪوئي لُڙهي لهرن اندر
۽ ڪوئي پي 575;سو پيو مري
هيءَ بُکَ آ بڇڙي بَلا
داناءَ ديوانا ڪري


بُکَ جو نه آهي دين ڪو
ڏُکَ جو نه ڪو ايمان آ
هر دور جي انسان ۾
لڪيل ڪوئي حيوان آ


هِنَ ديس جي بازار ۾
ٿو موت بي مُلهو ملي
عزت جو سوڙهو پيڇرو
ٿو دَنگ ذلت تي ڪري


سُکُ آڪوئي سپنو جيئن
نيڻن جي ندين ۾ تري
دُکُ آ وسيهر کان وڏو
وَر وَر ڪري مون تي وَري


ڇو لَپَ ۾ جيون ڀري
هي ٺَپ ٿا ٺرندا وڃن
ساهن کي جي گرمائجي
احساس ٿا مرندا وڃن


ڇو چيڙهه چيڙهه آهن چَڳون
ڇو لِيڙ لِيڙ آهن لَٽا
هِن دور جي انسان کي
نه آجپو نه ڪي اَجها


ڪي کيتَ خوابن وانگيان
يادن جي ڌرتيءَ تان مٽيا
ڪي ميتَ گيتن وانگيان
ساهن جي ڏوريءَ مان ٽُٽا


ڪا ناوَ آ نه ناکئو
هر سُو پڪارون هِن رڳو
لُڙهندا ڏسي خوابن گهَڙا
بيوس نِهارون هِن رڳو


سئو سئو لُڙهن سهڻيون پيون
ڪيڏا مئا ميهار هِن
دانهين ٿيا درياه تي
اورار ۽ پَرار هِن


بس بند ئي ناهي ڀڳو
هر ڀرم ٿي ڀورا ويو
ڄڻ روح کي روڻي لڳي
ڄڻ ساهه ۾ گهارو پيو


اڄ ڀي لهوءَ ۾ لال ٿيو
”امن“ جو زخمي پرندو
واگههَ نُکَ پنهنجا کپائي
ڏاڍ جو وحشي درندو


صدين جي هن تهذيب ۾
بس ڏاڍ جي تاريخ آ
آقا سدا ٻوڙا انڌا
ڇا تن ٻڌي ڪا چيخ آ ؟


ڇا تن ڏٺو ڪشڪول آ ؟
ڇا تن ڏٺو سو جهول آ ؟
جنهن ۾ سوين سوراخ هِن
ڇا هي قضا جو قول آ ؟


ٿو چنڊ ڦاهيءَ تي چڙهي
هر رات ڪي سڏڪا ٻڌي
ٿو ڪير ٻالڪ رات ساري
کير لئه روئي رڙي


ڇو آ گدامن کي ڪڙو
ڇو پيٽ; ۾ داڻو نه آ ؟
هن ڏيهه جو ”ڏاڍو“ مگر
اڄ ڀي لڳي ساڻو نه آ


ڪوئي ٻڏو بي آسري
ڪوئي تڳيو الله ريءَ
هن سُور جي سنسار ۾
ڪوئي جيئي ٿو ساهه ريءَ


ڇو آههِ دربدريءَ جو دُکُ
اي ديس تنهنجي ڀاڳ ۾
واڪا ڪري ٿي سنڌڙي
ڪوئي مري ٿو ماڳ ۾


اڄ ڀي اميدن تي اَڏيل
هن ديس جي تقدير آ
تون مان ئي آهيون پارکو
نه راهبر نه پير آ

No comments:

Post a Comment