امتيازعادّل سومرو
)پياري ڀاءُ لياقت سومرو جي مهرباني سان هٿ ڪيل نظم(
" نظم "
ڀٽڪيل کي جيئن بَرَ ۾ پئجي رات وڃي ڪائي!
مون ائين عيد ملهائي تون ڏس تو ڪيئن عيد ملهائي!
قوم ڀلي پئي ڪوڪاري ۽ مان ويهي مُرڪان؟
سنڌ سَموري سُڏڪي بيٺي ۽ مان ٽَهڪ ڏيان؟
ڏکَ ۾ سارو ڏيه هُجي مان ٻول ٻُڌي ٻهڪان؟
سوڳ هُجي سنسار خوشيءَ جا مان ڪيئن گيت لکان؟
مون نه ٻُڌي آ مَرتئي تي مَحبوب ڪڏهن شهنائي!
مون ائين عيد مَلهائي، تون ڏس تو ڪيئن عيد ملهائي!
منهنجي کِلَ خوشي آ رڻ ۾ تنهنجي دُکَ رولي
سُور سِڌو ٿي سيني مان ائين گُذريو جيئن گولي
اَکِ جو ساحل ٻوڙي وئي آ لُڙڪَن جي ڇولي
تو سان ٽهڪ ڏنا گڏ تنهنجي سرتين جي ٽولي
مون دل تنهنجي تصويرن سان ويهي وندرائي!
مون ائين عيد مَلهائي، تون ڏس تو ڪيئن عيد ملهائي!
لاشو ناهيان لُڇندو آهيان۽ پيو ڪڙهندو هان
سنڌڙي تنهنجي سورن تي پيو روئندو رڙندو هان
سُڏڪي سُڏڪي آليءَ ڪاٺيءَ وانگر سڙندو هان
اخبارن ۾ اڪثر ههڙاهاڃا پڙهندو هان
ڪنهن جي ڀاءُ کي مارايو ڪنهن،ڪنهن جي ڀيڻ کَڻائي!
مون ائين عيد مَلهائي، تون ڏس تو ڪيئن عيد ملهائي!
ڪاٿي مُرڪي ماڻي ورتو دل جو ڪنهن دلبر
ڪاٿي جواني نيٺ چڙهي وئي ڪارو ڪاريءَ جي وَر
ڪاٿي عيدون عيش الاهي کوڙ خوشيون ڌمچر
ڪاٿي اکڙين ساڻ ڏٺا مون مَحَرَمَ جا منظر
ڪنهن واقعي دل وندرائي ڪِٿِ ڀَرجي اَکِ آئي!
مون ائين عيد مَلهائي، تون ڏس تو ڪيئن عيد ملهائي!
خوني تڪرارن ۾ ماريا ائين ديس ڌڻي
ويندا آهن جيئن خزان ۾ وڻ تان پَنَ ڇَڻي
اَڄُ جي سنڌ جي حالت عادّل مونکي ڪونه وڻي
ساعت جي لاِءِ سُڏڪا روڪي آلا نيڻ کڻي
مون به ڀٽائيءَ ڏانهن ڏِٺو۽ مون ڏي پاڻ ڀٽائي!
مون ائين عيد مَلهائي، تون ڏس تون ڪيئن عيد ملهائي!
No comments:
Post a Comment