Imtiaz Aadil Soomro ( Meharr ) |
امتيازعاّدل سومرو
(ادا لياقت سومرو جي مهرباني سان )
”منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!“
ٻبرن کان مليا ٻير !
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
گُــل چُلھ ۾ ڦٽا ڍيـــر!
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
واريءَ جو اڏيو ڪوٽُ ڪنهن،
ڪاٿي نه ڏٺو مون،
پاڻيءَ تي ٺهيا پير!
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
دوزخ ۾ َوڳا دُهلَ،
خوشيون هت ٻُڌيون سڀن،
سنڌ ۾ ٿي ويا خير !
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
نانگن نَچي آ زهَرُ سَڀُ.
ضايع ڪري ڇڏيو
ويري ويا ڇڏي وير !
ويري ويا ڇڏي وير !
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
بادشاھ بُکيئي پيٽ تي،
آخر سُمهي پيو،
ڊَڀَ ڍَوَ تي چريا شيرَ!
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
ڀوتار پنهنجي ڀُونءِ جا،
ٿي ڀرجَهلا پيا،
سَسئي سان سَچا ڏيرَ!
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
سَچَ کي ڪنبايو ڪوڙ ۽،
سِجَ کي دَسي وڌو.
اونداھَ انڌُ انڌير!
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
عادّل جا بيت انڌ ۾،
ڀڙڪيا نه باھ ٿي.
شعلا نه ٿيا شعر!
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
No comments:
Post a Comment