وار تنهنجا هوا ٿي اُڏائي جتي
ٽهڪ خوشبو ڪري ٿي ورهائي جتي
توکي فِطرت ڏسي ٿي چتائي جتي
توسان حورن جي ٽولي آ هائي جتي
مان سان جيئري ئي جنت ڏسڻ ٿو گھران
منهنجي دل ٿي چوي ڄامشوري اچان
تنهنجي چوٽي تنهنجي چيله تي ٿي لُڏي
منهنجي دل جي اڃان پئي ٿي ڌرتي ڌڏي
تنهنجو رنگين آنچل ٿو اُڀَ ۾ اُڏي
منهنجي انڊلَٺ تي اَڄُ ڪَله نه ٿي اَک ٻُڏي
ٿورو دهشت ۾ دلڪش تجربڳ ڪيان
منهنجي دل ٿي چَوي ڄامشوري اچان
تو جو ليڪچر گھڻي کن ٻُڌوغور سان
سنڌ سهمت ٿي وئي ڄڻ نئي دورسان
تو جو سوچيو کڻي ذهن ۾ زور سان
شهر جاڳي اُٿيان ڄڻ وري شور سان
توکي تازي ڪنهن تحريڪ جو نانءُ ڏيان
منهنجي دل ٿي چوي ڄامشوري اچان
تنهنجي چوٽي منجهان گُلُ پيو جو ڪري
ڄڻ ڪو جوڌو جدوجهد ۾ پيو مري
ڪنڌ ڦيري تو پُٺ تي ڏٺو جو وري
سوڳُ سنڌ جي خوشين کي ويو ڄڻ ڦِري
تون ته سنڌڙي جي سورن جو احساس آن
منهنجي دل ٿي چوي ڄامشوري اڇان
پنهنجي هاسٽل جي ڪمري کان ٻاهر ته ڏِسُ
چنڊ آيو چڙهي آهي ظاهر ته ڏِسُ
پنهنجي منهن تان هَٽائي تون چادر ته ڏِسُ
چاندنيءَ ۾ هي هاسٽل جو منظر ته ڏِسُ
ٻانهن ڪنهن مَهَل کَڻندينءَ اکيُن جي مَٿان
منهنجي دل ٿي چوي ڄامشوري اچان
پير پنبڻين سان تنهنجا مان پلپل اُگھان
تنهنجي ڪئمپس کي، ڪمري کي بيٺو ڏِسان
تنهجي مُرڪن ۽ ميڪ اَپ تان قربان ٿيان
تنهنجي قلمن ڪتابن کي ويٺو چُمان
ساھُ سولو عبادَت ڪندي ڏئي ڇڏيان
منهنجي دل ٿي چَوي ڄامشوري اَچان
تُنهنجي تَصوير ڪا ڊائريءَ ۾ رَکي
عَڪسُ تنهنجو پنهنجي شاعريءَ ۾ رَکي
هوش عادّل مان هَٿَ جي تَريءَ ۾ رَکي
ِديَد دل پنهنجي تنهنجي دَريءَ ۾ رَکي
تنهنجي خيالن جي خوشبو ۾ گھمندو وتان
منهنجي دِل ٿي چوي ڄامشوري اچان
No comments:
Post a Comment