”امتياز عادّل سومرو“
”شهباز سخي سيد زيشان قلندر“
انسان جي انسان سان آزارکي ڏسندي
انسان جي انسان سان تڪرار کي ڏسندي
ماڻهن جي جي مِٽي ٿي وَيل مَعيار کي ڏسندي
هن دور جي انسان جي ڪردار کي ڏسندي
حيران آ هِن دور جو حيوان قلندر!
شهباز سخي سيد زيشان قلندر!
بوتل ٿي گرم وئي ته چپن تي نه رکيائين
پاڻيءَ ۾ پَئي رَئي ته چَپَن تي نه رَکيائين!
شربت ۾ مِٽي پئي ته چپن تي نه رَکيائين!
مَکِ چانھ ۾ مُئي ته چپن تي نه رکيائين!
رَتُ پي ويو انسان جو انسان قلندر!
شهباز سخي سيد زيشان قلندر!
معمول بَڻيل آهي دُنيا دار جو اغواھ
ڪنهن سيٺِ جو اغواھ ۽ زميندار جو اغواھ
رَتُ مونکي رُواري ٿو ننڍي ٻار جو اغواھ
ساڙي ٿو ڇڏي ساھ کي فنڪار جو اغواھ
تهذيب گھُري ٿن ته ڏيو تاوان قلندر!
شهباز سخي سيد زيشان قلندر!
هِن پاسي ڏسان ٿو ته حِڪارت ٿي وڌي پئي
هُن طرف تڪيان ٿو ته قدُورت ٿي وڌي پئي
اڳتي ٿو نظر ڪيا ته عَداوَت ٿي وڌي پئي
جاڏي به ڏِسان ٿو ته مان نفرَت ٿي وڌي پئي
مَٽبو ٿو وڃي نيهَن جو نشان قلندر!
شهباز سَخي سَيّد زيشان قلندر!
شهباز ٿيا روز منهنجي روبَرو ِوڪرو
نِروار ٿي نوٽن تي ٿيا واھِرو وِڪرو
ڪنهن اَنَ تي ڪئي ڪالھ پنهنجي آرزو وڪرو
ڀُڳڙن تي ڪري اڄُ به ٿو ڪو آبُرو وِڪرو
ڏِسُ ميٽ تي وِڪرو ٿو ٿئي مانُ قلندر!
شهباز سخي سيد زيشان قلندر!
مان خوف جي کنڊرات ۾ ٿو ٽهَڪَ ِورهايان
۽ پاپَ جي پاڙي ۾ ٿو پيارُ وَڌايان
مان چاھَ کي نفرت جي نگَرَ ۾ ٿو گھُمايان
۽ اَمُنَ کي دَهشت جي دُنيا ۾ ٿو سَمايان
ٿو توبَ جي مُنهن ۾ رَکان گُلدانُ قلندر!
شهباز سَخي سَيد زيشان قلندر!
عادّل ٿو رکان اَمُن سان مان ڇاھُ برابر
هڪ سنڌ ٻيو سَرتيءَ ۾ آهي ساھُ بَرابَر
شاھد آ اِنَ ڳالھ جو الله بَرابَر
پورو ٿو رَکان پيارَ ۾ ويساھُ بَرابَر
۽ عِشق ۾ آهي اَڃان ايمانُ قلندر!
شهباز سَخي سَيد زيشان قلندر!