غزل
(ادا لياقت سومرو ميهڙ وارو جي ٿورن سان)
ڇاڪيان!
سورَ پٿر کي سُڻائي ڇا ڪيان!
حالِ دِل هُن کي ٻُڌائي ڇا ڪيان!
مان ٿو سمجهايان مگر سمجهي نه ٿي ،
ساز صحرا ۾ وڄائي ڇا ڪيان!
هوءَ جڏهن ليلا ٿيڻ چاهي نه ٿي،
مان وري مَجنون سَڏائي ڇا ڪيان!
آزمائي آزمائي آ ٿڪو،
آزمائي آزمائي ڇا ڪيان!
هُن جي بنجر دِل جي ڌرتيءَ جي مٿان،
مينهن لُڙڪَن جو وسائي ڇا ڪيان!
هُن سان رشتا واسطا ٽوڙي ڇڏيا،
ڪنڌ تي ڪاتي وهائي ڇا ڪيان!
سنگدل کي ڇا چوان احساس ڪر،
ديپ بارش ۾ جَلائي ڇا ڪيان!
هن جي چاهت تي چڙان رنج ڪيئن ٿيان!
زهر زم زم ۾ مِلائي ڇا ڪيان!
غير کان تعريف هن جي ڇا ٻُڌا،
ماسُ ٽانڊن تي پچائي ڇا ڪيان!
هِن سان هُن سان دِل نه ٿي منهنجي لَڳي،
هِن سان هُن سان دل لڳائي ڇا ڪيان!
هُن کي ڏُکَ ۾ ڇو ويهي عادّل ڏسان،
مان ليئو دوزخ ۾ پائي ڇو ڏسان!
No comments:
Post a Comment