Flickriver: Most interesting photos tagged with sindhi poets

Monday, December 12, 2011

Colour of Flowers by Imtiaz Adil soomro


امتياز عادّل سومرو ميهڙ

وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ !

ڳَلڙن جي ڳاڙهاڻ!
وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ !

مُرڪون وٺُ ۽ مونکي ڏي تون، اکڙين جي آلاڻ
وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ !

ويھُ  ته تنهنجي اکڙين ۾ مان ، ڳوليان پنهنجو پاڻ!
وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ !

مُنهنجي بُت مان وئي نه تُهنجي ڀاڪُر جي سُرهاڻ!
وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ !

شال اسين ائين ڌار نه ٿيون جيئن، ڪاڇو ۽ مهراڻ!
وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ !

مُنهجي ديدُن منهنجي دِل کان،دور نه ٿي دَمُ هاڻ!
وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ !

توڏي جيئن ٿو تاڻيان مان پيو،تيئن تون مون ڏي تاڻ!
وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ !

مُرڪي نيڻ جھُڪائڻ آهن، مُحبَت جا اُهڃاڻ!
وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ !

مُرڪي ڪالھ پُڇائين عادّل،توکي ڇاجي ڪاڻ!
وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ !

Imtiaz Aadil Soomoro Mehar



هاءِ! سنڌ جي سونهن ڪاري ٿي وئي!

امتياز عادّل سومرو ميهڙ


پيار ڪو سودو نه آ سوچي ڪجي ،

پيار آهي منزلن جو معجزو.

جو اگر ٿي پئي ته گُمُ سئو فاصلا،

جو نه ٿئي ڪنهن گامَ وک تي به نه ٿئي.پر!

جڏهن ڀي ٿورڙو ٿي ٿو وڃي،

ڪنڌ رَسمُن جا مَروڙي ٿو  ڀڃي،

ڪنهن به مذهب جون نه ٿو منٿون مَڃي،

۽ جڏهن ڪنهن جون نه ٿو مِنٿون مَڃي،

مذهبي آداب اُٿلي ٿا پون.

۽ سماجي غيرتون ڪَرَ ٿيون کڻن،

راھ روڪڻ ٿيون سوين رسمون اچن،

گھر جي دَرَ کان ڪورٽُن تائين پُٺيان،

ڪيترا رسمُن رواجن جا بگھڙ،

چاھ جي هر راھ ٿا روڪي وٺن،

غيرتن جا گڏ ٿا ٺيڪدار ٿين،

سج جَهڙي صورتُن کي ساڙ مان.

ڪُهندي ڪاريءَ جو ٽِڪو ڏئي ٿا ڇڏين،

چنڊ کان به خوبصورت چاھ کي ،

ٿا ڪِني ڪردار جي ڪارنهن هڻن،

مون ڀٽائي کي وڃين ڀر ۾ چيو،

تو ته سُهڻيءَ کي ڪڏهن ڪاري نه ڪيو!

تو ڪڏهن ميهار کي ڪارو نه ڪيو!

تو ته ڪنهن به ڪونج جي ڳيچي جھلي،

وَٺ وَٺان،پڪڙيو، وٺو وارو نه ڪيو!

او ڀٽائي! ٿورڙو هيڏي ته ڏسُ!

هي ڪُهاڙيون رَتَ ۾ ريٽيون ته ڏِسُ!

بر بريت جي باھ ۾ ڪيٽيون ته ڏسُ!

پيار ڄڻ ڪو پاپ بڻجي آ ويو،

خون جو آلاپ بڻجي آ ويو،

پياري ۾ پڪڙي آ ويچاري ته ڏِسُ،

نيهن جي ناتي ڪُٺل ناري ته ڏِسُ،

مون ڀٽائيءَ کي ڏٺو خانوش هو،

منهنجو سالم ان مَهل به هوش هو،

اُتِ رُڳو قاتل هيا عادل نه هو

ڇو جو هو اُن ظلم ۾ شامل نه هو،

ڇا به هو انصاف پر غافل نه هو،

پوءِ به ريٽو رت ڪارو ٿي ويو،

عشق جَڳَ ۾ بي سَهارو ٿي ويو.

سونهن سُهڻي نيٺ ڪاري ٿي وئي،

مُحبتُن تي ماٺ تاري ٿي وئي!

ماٺ! ڇا دُنيا انڌاري ٿي وئي،

سنڌ جي ڄڻ سيند واري ٿي وئي!

هاءِ! سنڌ جي سونهن ڪاري ٿي وئي!


امتياز عادّل سومرو ميهڙ