Flickriver: Most interesting photos tagged with sindhi poets

Sunday, February 26, 2012

Maikash Soomro (Gulirro)


لڪايان عيب دنيا کان ، ته ڇو جيئان
زماني ساز ٿي جيــئان ، ته ڇو جيئان
مڌو شالا عبادت گاه ســــــــمجهان 
عبادت گاه ۾ وڦلان ته ڇو جيــــــئان 
حياتيءَ کان ڳَري آهي غلامـــــــــــــي
نه لاهيان طوقُ ڳاٽي تان ته ڇو جيئان
سڏي ٿو ديس جو ڪکُ پن مسيحــــا 
۽ مان فرعون ٿي بيهان ؛ ته ڇو جيئان
سموري دلنشين دنيا تِياڳـــــــــــــي 
خدا ؛ توکي پري پايان ته ڇو جيئـــان
مان پنهنجي ذات ۾ آهيــان بـــلاول 
کڻان هٿ هيل گهاڻي تان ، ته ڇو جيئان

Poet Muhabati Mallah


محبتي ملاح
روز لاشن سوا ڪونڌرن ڇــــا ڏنو 
چند پئسن وڪيا ، رهبرن ڇــا ڏنو 
ڳاٽَ اوچا ڪري جن چيو جيئـــجي 
ڪنڌ سي ئي جهڪيا سورمن ڇا ڏنو 
آ نچي بيوسيءَ ۾ وڏيري اڳـــــيان 
ٿي نياڻي چوي ڀائرن ڇا ڏنـــــــو 
ظلم کي جو سهي سو به مجـــرم وڏو 
خوف ۾ مبتلا ڪانـئـــرن ڇا ڏنــــو 
رات ماري وئي سا نه ڪــاري هئي 
محبتي ڏَس ڀلا غـيـــرتن ڇا ڏنــو 

Maikash Soomro Moro

سـوچ ماـضي ۽ حـــال دنـيـــا ۾

پـاڻ کـي ڪـجھ سنڀال دنــــيا ۾

ڏاند چاڪيء جو ٿي ويـو آهــين

رونــقن جـــي وشــال دنــيــــا ۾

ڀـيــڙ اڳتي وڃـــي رهــي آهـــي

ڏي وڏو تــون به ڇـــال دنــيـا ۾

زنــدگيء جــو مــزو وٺي ڏسجي

مـــوت جـــي يرغــمــال دنــيـا ۾

ڪـيــر آهــي جــو ايترو کلندو؟

درد جـــي لازوال دنـــيـــــــــا ۾

پــاڻ کان ڪــير آ،هــتــي آزاد؟

مــون رکــيو آ،ســــوال دنـيــا۾

مــفــت ۾ جو ســــدائـين پيئاري

آهــي اهـــــــڙو ڪــلال دنــيا ۾؟

Friday, February 24, 2012

Mushtaq Muhbati

مشتاق محبتي
 
بيداد نگر آ ، هي هت داد نه ٿيئڻو آ
آواز دٻائي ڇڏ ، هي وھ به ته پيئڻو آ
مشعل ته جلائين ٿو ، اونداه اٿئي راهون
سورج جي مٿان پهرا ، اونداه نه کٽڻو آ
ملعون مثل ماڻهو ، جن دين ڌرم پئسو
اڌما ته اچن ٿا پر ، هر حال ۾ جيئڻو آ
ڪو ترس نه آيئي ڇو ؟ بي ڏوه ڪٺئي نينگر
هو چنڊ اٿئي شاهد ، سو خون نه لڪڻو آ
هي سنڌ قلندر آ ، (بودل) نه اسان سنڌي
ٿي سنڌ سڏي سڏڪي ، ڇا ساه نه ڏيڻو 
آ

Maikash Soomro (Morai)

مورو جو نوجوان ڀلوڙ شاعر مئڪش سومرو
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳايان ويٺو
صبح هجي يا شام
عشق الستي آهي منهنجو
سرمستيءَ ۾ گهاريان
پنهنجي ڌن ۾ مست مگن مان
ڪنهن ڏي ڪين نهاريان
روڪ اهي تون روڪ پڙاڏا
سڏ نه ڪر مادام
مان شاعر بدنام
کوڙ حسينائون ويڙهي ۾
آ، پر هڪڙي دل ۾
نانءُ نه کڻندس آنءُ انهيءَ جو
يار ڀري محفل ۾
ڇو ته اجايا ايندا هن تي
وڏا وڏا الزام