Flickriver: Most interesting photos tagged with sindhi poets

Wednesday, November 30, 2011

امتياز عادل سومرو ( الا ڪو اهڙو واءَ وري) نظم


  
 الا ڪو اهڙو واءُ وري

توکي مونکي قست آڻي هڪڙي جاءِ ڪري!
الا ڪو اهڙو واءُ وري!
تون مان گڏجئون رسمُن جو ڀل راڻي رَتُ ٻري!
الا ڪو اهڙو واءُ وري!
تون به اچڻ جو سوچين سَچُ پَچُ منهنجي اَکِ فري!
الا ڪو اهڙو واءُ وري!
قُربن آڏو قهر ڪنبي ۽پيار کان پاپ ڏري!
الا ڪو اهڙو واءُ وري!
تنهنجا نيڻ چُما مان توکي ڀاڪُر منجھ ڀري!
الا ڪو اهڙو واءُ وري!
شال گھڙي کن گھوري مون ڏي ٿورو ڌيان ڌري!
الا ڪو اهڙو واءُ وري!
تنهنجي مونکان منهنجي توکان ساعت ڪين سَري!
الا ڪو اهڙو واءُ وري!
ڪاڇي جهڙوهانءُ ڪچي جيان سانوڻ منجھ ٺري!
الا ڪو اهڙو واءُ وري!
اُڻ تڻ کي شل آڳ لڳي ڪاڳڻتي شال ڳري!
الا ڪو اهڙو واءُ وري!
پيار تان پهرن پابندين جوموذي موت ٽري!
الا ڪو اهڙو واءُ وري!
تاريخُن ۾ تنهنجو منهنجو اُجرو عشق  تري!
الا ڪو اهڙو واءُ وري!
عمريون اَڻ کُٽُ عادّل ماڻي تو تي مست مري!
الا ڪو اهڙو واءُ وري

Imtiaz Adil Soomro Meharr Chha kayan




 غزل
(ادا لياقت سومرو ميهڙ وارو جي ٿورن سان)

ڇاڪيان!

سورَ پٿر کي سُڻائي ڇا ڪيان!

حالِ دِل هُن کي ٻُڌائي ڇا ڪيان!

 مان ٿو سمجهايان مگر سمجهي نه ٿي ،

 ساز صحرا ۾ وڄائي ڇا ڪيان!

هوءَ جڏهن ليلا ٿيڻ چاهي نه ٿي،

 مان وري مَجنون سَڏائي ڇا ڪيان!

 آزمائي آزمائي آ ٿڪو،

آزمائي آزمائي ڇا ڪيان!

هُن جي بنجر دِل جي ڌرتيءَ جي مٿان،

 مينهن لُڙڪَن جو وسائي ڇا ڪيان!

هُن سان رشتا واسطا ٽوڙي ڇڏيا،

 ڪنڌ تي ڪاتي وهائي ڇا ڪيان!

سنگدل کي ڇا چوان احساس ڪر،

ديپ بارش ۾ جَلائي ڇا ڪيان!

هن جي چاهت تي چڙان رنج ڪيئن ٿيان!

زهر زم زم ۾ مِلائي ڇا ڪيان!

غير کان تعريف هن جي ڇا ٻُڌا،

ماسُ ٽانڊن تي پچائي ڇا ڪيان!

 هِن سان هُن سان دِل نه ٿي منهنجي لَڳي،

هِن سان هُن سان دل لڳائي ڇا ڪيان!

هُن کي ڏُکَ ۾ ڇو ويهي عادّل ڏسان،

 مان ليئو دوزخ ۾ پائي ڇو ڏسان!

Imtiaz Adil Soomro Bhatikal Jazaba

امتيازعادّل سومرو
)پياري ڀاءُ لياقت سومرو جي مهرباني سان هٿ ڪيل نظم(
" نظم "

ڀٽڪيل کي جيئن بَرَ ۾ پئجي رات وڃي ڪائي!
مون ائين عيد ملهائي تون ڏس تو ڪيئن عيد ملهائي!

قوم ڀلي پئي ڪوڪاري ۽ مان ويهي مُرڪان؟
سنڌ سَموري سُڏڪي بيٺي ۽ مان ٽَهڪ ڏيان؟
ڏکَ ۾ سارو ڏيه هُجي مان ٻول ٻُڌي ٻهڪان؟
سوڳ هُجي سنسار خوشيءَ جا مان ڪيئن گيت لکان؟
مون نه ٻُڌي آ مَرتئي تي مَحبوب ڪڏهن شهنائي!
مون ائين عيد مَلهائي، تون ڏس تو ڪيئن عيد ملهائي!

منهنجي کِلَ خوشي آ رڻ ۾ تنهنجي دُکَ رولي
سُور سِڌو ٿي سيني مان ائين گُذريو جيئن گولي
اَکِ جو ساحل ٻوڙي وئي آ لُڙڪَن جي ڇولي
تو سان ٽهڪ ڏنا گڏ تنهنجي سرتين جي ٽولي
مون دل تنهنجي تصويرن سان ويهي وندرائي!
مون ائين عيد مَلهائي، تون ڏس تو ڪيئن عيد ملهائي!

لاشو ناهيان لُڇندو آهيان۽ پيو ڪڙهندو هان
سنڌڙي تنهنجي سورن تي پيو روئندو رڙندو هان
سُڏڪي سُڏڪي آليءَ ڪاٺيءَ وانگر سڙندو هان
اخبارن ۾  اڪثر ههڙاهاڃا پڙهندو هان
ڪنهن جي ڀاءُ کي  مارايو ڪنهن،ڪنهن جي ڀيڻ کَڻائي!
مون ائين عيد مَلهائي، تون ڏس تو ڪيئن عيد ملهائي!

ڪاٿي مُرڪي ماڻي ورتو دل جو ڪنهن دلبر
ڪاٿي جواني نيٺ چڙهي وئي ڪارو ڪاريءَ جي وَر
ڪاٿي عيدون عيش الاهي کوڙ خوشيون ڌمچر
ڪاٿي اکڙين ساڻ ڏٺا مون مَحَرَمَ جا منظر
ڪنهن واقعي دل وندرائي ڪِٿِ ڀَرجي اَکِ آئي!
مون ائين عيد مَلهائي، تون ڏس تو ڪيئن عيد ملهائي!

خوني تڪرارن ۾ ماريا ائين ديس ڌڻي
ويندا آهن جيئن  خزان ۾ وڻ تان پَنَ ڇَڻي
اَڄُ جي سنڌ جي حالت عادّل مونکي ڪونه وڻي
ساعت جي لاِءِ سُڏڪا روڪي آلا نيڻ کڻي
مون به ڀٽائيءَ ڏانهن ڏِٺو۽ مون ڏي پاڻ ڀٽائي!
مون ائين عيد مَلهائي، تون ڏس تون ڪيئن عيد ملهائي!

Sindh jay Gulshan jo Nighaban toun MOLA

امتياز عادّل سومرو

” نِگھبان تون مولا“






هِنَ سنڌ جي گُلشن جو نِگھبان تون مولا
گــُل گونچ جو، شاخُن جو نِگھبان تون مولا
شب روز اچي روح کي راحت ٿيون رسائن
هيرُن جو، هوائن جو نِگھبان تون مولا

تهذيب و ثقافت جو رهي شان سلامت
ريتُن جو، رواجن جو نِگھبان تون مولا
من من جي مزي موج ۽ دل دل جي خوشيءَ جو
مُرڪُن جو هي ٽهڪن جو نگهبان تون مولا

پَٿر ٿا لڳن پيار جي پيغامبرن کي
الفت جي اسيرن جو نِگھبان تون مولا
قائم آ اڃا ڏيھ ۾ ڏهڪلاءُ عُمر جو
مارُن جي وٿاڻن جو نِگھبان تون مولا

هن ڀُونءِ جي هر ڀينڊ ڀتر،ڇَن ڇَپر جو
لوڙهَن جو ۽مَنَهَن جو نِگھبان تون مولا
بستيءَ جو بَحَرَ بَرَ جو وَستيءَ جو وسهن جو
هر شهر جو ڳوٺن جو  نِگھبان تون مولا

رقصان ٿو ڏسان بجلي ۽ طوفان جي شدت
بس آهين چَراغن جو نِگھبان تون مولا
هِنَ دِل جي حَقيقت کي رُڳوتون ئي ٿو ڄاڻين
عادّل جي اُميدُن جو نِگھبان تون مولا

Sunday, November 27, 2011

شهباز سخي سيد زيشان قلندر


امتياز عادّل سومرو

شهباز سخي سيد زيشان قلندر

   انسان جي انسان سان آزارکي ڏسندي
انسان جي انسان سان تڪرار کي ڏسندي
ماڻهن جي جي مِٽي ٿي وَيل مَعيار کي ڏسندي
هن دور جي انسان جي ڪردار کي ڏسندي
حيران آ هِن دور جو حيوان قلندر!
شهباز سخي سيد زيشان قلندر!
  بوتل ٿي گرم وئي ته چپن تي نه رکيائين
پاڻيءَ ۾ پَئي رَئي ته چَپَن تي نه رَکيائين!
شربت ۾ مِٽي پئي ته چپن تي نه رَکيائين!
مَکِ چانھ ۾ مُئي ته چپن تي نه رکيائين!
رَتُ پي ويو انسان جو انسان قلندر!
شهباز سخي سيد زيشان قلندر!

معمول بَڻيل آهي دُنيا دار جو اغواھ
ڪنهن سيٺِ جو اغواھ ۽ زميندار جو اغواھ
رَتُ مونکي رُواري ٿو ننڍي ٻار جو اغواھ
ساڙي ٿو ڇڏي ساھ کي فنڪار جو اغواھ

تهذيب گھُري ٿن ته ڏيو تاوان قلندر!
شهباز سخي سيد زيشان قلندر!
 هِن پاسي ڏسان ٿو ته حِڪارت ٿي وڌي پئي
هُن طرف تڪيان ٿو ته قدُورت ٿي وڌي پئي
اڳتي ٿو نظر ڪيا ته عَداوَت ٿي وڌي پئي
جاڏي به ڏِسان ٿو ته مان نفرَت ٿي وڌي پئي
مَٽبو ٿو وڃي نيهَن جو نشان قلندر!
شهباز سَخي سَيّد زيشان قلندر!

شهباز ٿيا روز منهنجي روبَرو ِوڪرو
نِروار ٿي نوٽن تي ٿيا واھِرو وِڪرو
ڪنهن اَنَ تي ڪئي ڪالھ پنهنجي آرزو وڪرو
ڀُڳڙن تي ڪري اڄُ به ٿو ڪو آبُرو وِڪرو
ڏِسُ ميٽ تي وِڪرو ٿو ٿئي مانُ قلندر!
شهباز سخي سيد زيشان قلندر!

مان خوف جي کنڊرات ۾ ٿو ٽهَڪَ ِورهايان
۽ پاپَ جي پاڙي ۾ ٿو پيارُ وَڌايان
مان چاھَ کي نفرت جي نگَرَ ۾ ٿو گھُمايان
۽ اَمُنَ کي دَهشت جي دُنيا ۾ ٿو سَمايان
ٿو توبَ جي مُنهن ۾ رَکان گُلدانُ قلندر!
شهباز سَخي سَيد زيشان قلندر!
 عادّل ٿو رکان اَمُن سان مان ڇاھُ برابر
هڪ سنڌ ٻيو سَرتيءَ ۾ آهي ساھُ بَرابَر
شاھد آ اِنَ ڳالھ جو الله بَرابَر
پورو ٿو رَکان پيارَ ۾ ويساھُ بَرابَر
۽ عِشق ۾ آهي اَڃان ايمانُ قلندر!
شهباز سَخي سَيد زيشان قلندر!

Imtiaz Adil Soomro (Muhanjee Dil Na Thhe Manjy)

Imtiaz Aadil Soomro ( Meharr )
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي
  امتيازعاّدل سومرو
(ادا لياقت سومرو جي مهرباني سان )



”منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!“

 ٻبرن کان مليا ٻير !
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
گُــل چُلھ ۾ ڦٽا ڍيـــر!
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
واريءَ جو اڏيو ڪوٽُ ڪنهن،
ڪاٿي نه ڏٺو مون،
پاڻيءَ تي ٺهيا پير!
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
دوزخ ۾ َوڳا دُهلَ،
خوشيون هت ٻُڌيون سڀن،
سنڌ ۾ ٿي ويا خير !
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
نانگن نَچي آ زهَرُ سَڀُ.
  ضايع ڪري ڇڏيو
ويري ويا ڇڏي وير !
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
بادشاھ بُکيئي پيٽ تي،
آخر سُمهي پيو،
ڊَڀَ ڍَوَ تي چريا شيرَ!
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
ڀوتار پنهنجي ڀُونءِ جا،
ٿي ڀرجَهلا پيا،
  سَسئي سان سَچا ڏيرَ!
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
سَچَ کي ڪنبايو ڪوڙ ۽،
سِجَ کي دَسي وڌو.
اونداھَ انڌُ انڌير!
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!
عادّل جا بيت انڌ ۾،
ڀڙڪيا نه باھ ٿي.
شعلا نه ٿيا شعر!
منهنجي دِل نه ٿي مَڃي!

Imtiaz Aadil Soomro (Dil Thhee chawy Jamshoray Achan)

وار تنهنجا هوا ٿي اُڏائي جتي

ٽهڪ خوشبو ڪري ٿي ورهائي جتي

توکي فِطرت ڏسي ٿي چتائي جتي

توسان حورن جي ٽولي آ هائي جتي

مان سان جيئري ئي جنت ڏسڻ ٿو گھران

منهنجي دل ٿي چوي ڄامشوري اچان



تنهنجي چوٽي تنهنجي چيله تي ٿي لُڏي

منهنجي دل جي اڃان پئي ٿي ڌرتي ڌڏي

تنهنجو رنگين آنچل ٿو اُڀَ ۾ اُڏي

منهنجي انڊلَٺ تي اَڄُ ڪَله نه ٿي اَک ٻُڏي

ٿورو دهشت ۾ دلڪش تجربڳ ڪيان

منهنجي دل ٿي چَوي ڄامشوري اچان



تو جو ليڪچر گھڻي کن ٻُڌوغور سان

سنڌ سهمت ٿي وئي ڄڻ نئي دورسان

تو جو سوچيو کڻي ذهن ۾ زور سان

شهر جاڳي اُٿيان ڄڻ وري شور سان

توکي تازي ڪنهن تحريڪ جو نانءُ ڏيان

منهنجي دل ٿي چوي ڄامشوري اچان



تنهنجي چوٽي منجهان گُلُ پيو جو ڪري

ڄڻ ڪو جوڌو جدوجهد ۾ پيو مري

ڪنڌ ڦيري تو پُٺ تي ڏٺو جو وري

سوڳُ سنڌ جي خوشين کي ويو ڄڻ ڦِري

تون ته سنڌڙي جي سورن جو احساس آن

منهنجي دل ٿي چوي ڄامشوري اڇان

پنهنجي هاسٽل جي ڪمري کان ٻاهر ته ڏِسُ

چنڊ آيو چڙهي آهي ظاهر ته ڏِسُ

پنهنجي منهن تان هَٽائي تون چادر ته ڏِسُ

چاندنيءَ ۾ هي هاسٽل جو منظر ته ڏِسُ

ٻانهن ڪنهن مَهَل کَڻندينءَ اکيُن جي مَٿان

منهنجي دل ٿي چوي ڄامشوري اچان



پير پنبڻين سان تنهنجا مان پلپل اُگھان

تنهنجي ڪئمپس کي، ڪمري کي بيٺو ڏِسان

تنهجي مُرڪن ۽ ميڪ اَپ تان قربان ٿيان

تنهنجي قلمن ڪتابن کي ويٺو چُمان

ساھُ سولو عبادَت ڪندي ڏئي ڇڏيان

منهنجي دل ٿي چَوي ڄامشوري اَچان



تُنهنجي تَصوير ڪا ڊائريءَ ۾ رَکي

عَڪسُ تنهنجو پنهنجي شاعريءَ ۾ رَکي

هوش عادّل مان هَٿَ جي تَريءَ ۾ رَکي

ِديَد دل پنهنجي تنهنجي دَريءَ ۾ رَکي

تنهنجي خيالن جي خوشبو ۾ گھمندو وتان

منهنجي دِل ٿي چوي ڄامشوري اچان